SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پ: پنج-ڪُنڊي- آمريڪي بچاءَ واري وزارت جو مرڪز:


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پ: پنج-ڪُنڊي- آمريڪي بچاءَ واري وزارت جو مرڪز:

Pentagon

ينٽاگان

متحده آمريڪا جي بچاءَ جي کاتي جو مُک مرڪز، جيڪو آمريڪي رياست ورجينيا ۾ آرلنگٽن جي علائقي ۾ قائم ڪيل آهي. آمريڪي فوجي طاقت جو اُهڃاڻ هُئڻ ڪري، ”پينٽاگان“ پنهنجي پنج-ڪُنڊي انتهائي مضبوط عمارت جي ڪري نه، پر آمريڪي فوجي صلاحيت جي اعليٰ ترين اظهار طور سُڃاتو وڃي ٿو. هن عمارت جو معمار (Architecht) ناميارو آمريڪي انجنيئر George Bergstorm هو. عمارت جي پيڙِهه جو پٿر 11 سيپٽمبر 1941ع تي ۽ افتتاح 15 جنوري 1943ع تي ڪيو ويو. ٻي عالمي جنگ جو مشهور آمريڪي فوجي سالار، General Brehon Somerville هن رٿا جو باني مُباني ۽ ڪرنل Leslie Grove نظرداريءَ جو ذميوار هو. ’پينٽاگان‘ پکيڙ جي حوالي سان دُنيا جو وڏي ۾ وڏو دفتر آهي، جنهن جي پکيڙ پنجهٺ لک چورس فوٽ آهي. ان مان ستٽيهه لک چورس فوٽ علائقو فقط دفتري معاملن لاءِ ڪم ايندو آهي. ان عمارت ۾ 23 هزار فوجي ۽ شهري عملو ۽ 3 هزار عام خدمتون ڏيندڙ ڪارڪن ڪم ڪن ٿا. عمارت کي پنج ڪُنڊون ۽ پنج ماڙون هُجڻ سان گڏ، ٻه تهه خانا به آهن. هر ماڙ تي هڪٻئي سان ڳنڍيل 5 راهداريون موجود آهن، جن جو فاصلو 28.2 ڪلوميٽر آهي. پينٽاگان ۾ 5 ايڪڙن تي پکڙيل هڪ پنج-ڪُنڊو پلازا به جوڙيل آهي، جيڪو دُنيا ۾ ”گرائونڊ زيرو“ جي نالي سان مشهور آهي . پلازا جو اهو نالو ”سرد جنگ“ دوران ان امڪان پُٺيان رکيو ويو، ته نيوڪليائي جنگ جي صورت ۾، سوويت يونين ان عمارت کي نشانو بنائڻ لاءِ هڪ خاص ميزائيل تيار ڪري رکيو آهي. هيءُ هڪ عجيب اتفاق آهي، ته ”پينٽاگان“ جي پِيڙه جي پٿر رکڻ واري ڏينهن کان ٺيڪ 60 سال پوءِ، ”القائده“ جي ويڙهاڪن، آمريڪي هوائي ڪمپنيءَ جي اُڏام نمبر 77 کي اغوا ڪندڙن 5 ڄڻن سميت 189 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جن ۾ 59 جهاز جا مسافر ۽ 125 ”پينٽاگان“ جا ملازم به شامل هُئا. سيپٽمبر 2002ع تي عمارت جي تباهه ٿيل حصي جي ٻيهر مرمت ڪري، اُن کي استعمال جوڳو بڻايو ويو. مرامتي ڪم کان علاوه مري ويلن جي ياد ۾ ٻن ايڪڙِن تي هڪ ”يادگار باغ“ پڻ جوڙيو ويو آهي ۽ هر هڪ فوتيءَ جي حساب سان ڪل 184 بئنچون ان باغ ۾ رکيون ويون آهن. اهو باغ عام شهرين جي ڏسڻ لاءِ سيپٽمبر 11، 2008ع تي کوليو ويو


Remember Me Also:

جٺير

ذ. صفت. اهو ماڻهو جنهن جُٺ جهلي هجي. جٺيون جهليندڙ ، ملامتن جو پڪو ، بي اثر.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal